اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سنگ?? ونڊو ايڪٽ 2021ع ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان سنگ?? ونڊو ايڪٽ تحت قومي ۽ عالمي واپار ۾ آساني لاءِ خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويندو. روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت سموريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ميسر هونديون?? اداري جي قيام سان ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سر??د پار واپار آسان بڻائڻ ۽ سامان جي تيز ترين پهچ ۾ م??د ملندي. اداري جي قيام سان ڊيٽا جي وقت سر پراسيسنگ ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي?? اداره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ٻڌل هوندو، سينيٽ سروسز ايڪٽ تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ۾ مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز سينيٽ سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.