ترجمو: روپ ميگهواڙ
مذهبي سياحت عالمي سطح تي معيشت جي ??رق?? جي لاءِ هڪ اهم حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، سڄي دنيا ۾ مختلف مذهبن جا پيروڪار لکين ماڻهو مذهبي فرضن جي ??دائيگي ۽ روحاني سڪون لاءِ هر سال مقدس ماڳن جي ??فر تي ويندا آهن. هر سال تقريبن 300 کان 330 ملين سياح دنيا جي مختلف مذهبي ماڳن تي ويندا آهن جيڪي اربين ڊالرز جي پرڏيهي ناڻو پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي. پاڪستان دنيا جي مختلف قديم تهذيبن جو گهوارو آهي ۽ هڪ اهڙي خطي ۾ واقع آه?? جيڪو دنيا جي ٽن وڏن مذهبن هندو مت، ٻڌمت ۽ سک مت جي پيروڪارن جا هزارين سال پراڻا تاريخي ۽ مذهبي ماڳن جي هڪ وڏي تعداد سان مالا مال آهي. پر ان جي ??اوجود پاڪستان جو سياحت جو شعبو ڀارت، ترڪي، سريلنڪا ۽ خط?? جي ٻين ملڪن کان تمام گهڻو پوئتي آهي جنهن جو اهم سبب سيڪيورٽي جا مسئلا، فنڊن جي کوٽ، ڌيان نه ڏيڻ سميت ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، خاص طور تي نائين اليون جي واقعن کانپوءِ پاڪستان جي ??ياحت جي ??نڊسٽري کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي، سياحن کي مائل ڪرڻ لاءِ سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ??رورت محسوس ڪئي ويندي رهي آهي، موجوده حڪومت جي ٺوس عملي قدمن سان پاڪستان مستحڪم رفتار سان سياحت جي محاذ تي ترڪي ڪري رهيو آهي جنهن جو هڪ مثال ڪرتار پور راهداري منصوبو آهي جنهن جي ??ڪميل نه رڳو سک برادري جي ??ل کٽڻ لاءِ پر پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي ??رقي جون نيون راهون کولي ڇڏيون آهن، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان ٻڌمت جي ورثي جي ??اري ۾ ڳالهه ڪريون ته سڄي پاڪستان ۾ ٻڌ مت مذهب کي مڃيندڙن جا هزارين سال پراڻا مذهبي سياحتي ماڳ موجود آهن، جنهن جي ??حالي لاءِ حڪومت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.
وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان فورن بعد ئي ملڪ جي معيشت کي سگهه ڏيڻ ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ??ميج کي بهتر بڻائڻ لاءِ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو، سريلنڪا جي ??ازي سرڪاري دوري ۾ وزيراعظم عمران خان سريلنڪن ٻڌ ڀڪشوئن کي دعوت ڏني ته هو اچن ۽ پاڪستان ۾ پنهنجا مقدس ٻڌ مت آثار ۽ مذهبي ماڳ ڏسن، وزيراعظم عمران خان جي ??صوصي دعوت تي سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي مدد سان 19 اپريل 2021ع کان ٻڌ مت مذهب سان تعلق رکندڙ مذهبي پيشوا پاڪستان جي ??وري تي آيل آهن. اهي ٻڌ ڀڪشو پنهنجي ??ڄي هفتي جي ??وري دوران ٻڌ مقامن ۽ عجائب گهرن جو دورو ڪندا. انهن جي پاڪستان جو دورو ڪرڻ سان ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ مذهبي سياحت کي وڌيڪ فروغ ملڻ جي ??ميد ڪري سگهجي ٿي ڇو ته پاڪستان قديم ٻڌ تهذيب جو مرڪز ۽ گهوارو آه?? جيڪو هيستائين دنيا جي ??ک کان اوجهل هو، سريلنڪن وفد جي ??ازي دوري سان ان جي ??هميت ۾ اضافو ٿيندو،
ٻڌ مت وفد جي قيادت ڊا??ٽر والپول پيانند ٿيرو ڪري رهيو آهي، اهو وفد پنهنجي ٻن ڏينهن جي لاهور جي ??وري کانسواءِ اسلام آباد، ٽيڪسلا، شهباز ڳڙهي، تخت ڀائي ۽ جهان آباد (سوات) ويندو. ٻڌ مذهبي پيشوائن جو اهو وفد مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي ??هديدارن سان ملاقات ڪندو ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ پنهنجي ??وري دوران صدر ڊا??ٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان به ملاقات ڪري رهيو آهي.
سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ??يڪنڊ سيڪريٽري عائشه ابوبڪر فهد ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پاڪستان گنڌارا جي ??اندار تهذيب ۽ ٻڌمت جو گهر آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻڌ مت جي مذهبي پيشوائن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ موجود تاريخي ورثي کي ڏسڻ جي ??عوت ڏني آهي ته جئين اهي ڪيترائي مقدس ٻڌ مت مذهبي ماڳن کي ڏسن ۽ پنهنجي مذهبي رهنما مهاتما ٻڌ جي مقدس ورث?? جي ياترا ڪري خراج عقيدت پيش ڪن.
ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چيو ته اسان کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستاني ماڻهو ٻڌ مت جا پيروڪار ته نه آهن پر ان جي ??اوجود انهن مهاتما ٻڌ ج?? مجسمن، ٻڌمت آرٽ ۽ ٻڌمت جي ??اريخي ورثي ۽ فن تعمير کي محفوظ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهاتما ٻڌ ج?? مجسمن جي ??ريعي دنيا ۾ ٻڌمت پکڙيو ڇو ته ٻڌمذهب امن، همدردي ۽ رواداري جو پيغام ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان سريلنڪا ۾ هڪ عظيم ڪرڪيٽر ۽ اعتدال پسند سياستدان جي ??يثيت سان ڄاتو وڃي ٿو، سريلنڪن ان جو وڏو احترام ڪن ٿا، ڊا??ٽر وال پيول پيانند ٿيرو چيو ته وزيراعظم عمران خان تازو ئي سريلنڪا جو دورو ڪيو ۽ ٻڌ ڀڪشوئن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ مقدس ٻڌ ماڳ ڏسڻ جي ??عوت ڏني هئي، ان دعوت کي قبول ڪندي سريلنڪن ٻڌمت وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.
وفد جي ميمبر اودي دملوڪاٿيرو چيو ته ٻڌمت ۽ گنڌارا تهذيب جي ??اريخ هزارين سالن تي ٻڌل آهي، اسان جو اهو دورو ٻڌ مذهب ۽ سرزمين پاڪستان جي وچ ۾ صديون پراڻي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه بخشيندو. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي ۽ سيڪيورٽي جي ??ورتحال جي ??والي سان اسان کي ڪجهه غلط فهميون ۽ خدشا لاحق هئا پر پاڪستان پهچڻ کانپوءِ اسان جا سمورا خدشا ختم ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ٻڌ ياترين جي ??چڻ سان لکين ماليت جو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگه?? جيڪو سريلنڪا ۽ مالديپ جي ??اري ۾ سريلنڪا جي ??در جي ??ينئر سياسي صلاحڪار آهي، پنهنجي ??يالن جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان پاران ٻڌمت مذهب جي مقدس ماڳن ک?? جيڪي ماضي ۾ بند ڪيا ويا آهن هئا، کي ٻيهر سياحن جي لاءِ کولڻ هڪ بهترين قدم آهي، هن چيو ته سريلنڪن وفد جو تازو دورو پوري دنيا ۾ موجوده ٻڌ مت مذهب جي ماڻهن کي پاڪستان طرف متوجهه ڪندو جنهن سان سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو، ڊا??ٽر اسيلا وڪرما سنگهي چيو ته پابندين جي ??اتمي سان جاپان، چين، ٿائي لينڊ ۽ ٻين ملڪن مان ٻڌ مت مذهب جا ماڻهو به انهن مقدس ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ايندا. هن چيو ته اهو پاڪستاني قوم جي ??مام وڏي خوش قسمتي آهي ته کين عمران خان جهڙو دور انديش وزيراعظم ۽ اڳواڻ مليو آهي.
لاهور ميوزيم جي ڊائريڪٽر اعجاز احمد منهاس دور?? جي موقعي تي چيو ته وفد ۾ شامل ٻڌ ڀڪشو پنهنجي ??اندار ماضي جي ??ثار ۽ مذهبي ماڳن کي ڏسڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي گهڻا خوش ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اعجاز احمد منهاس چيو ته وفد ۾ شامل هڪ ٻڌ پيشوا وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته جن مقدس آثار ۽ ماڳن بابت اسان صرف تاريخي ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين اڄ انهن کي پنهنجي ??کين سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جنهن تي اسان پاڪستاني حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم عمران خان جا بي حد ٿورائتا آهيون، هن چيو ته ان دوري جو مقصد مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ آهي، وفد ۾ شامل ٻڌ مت مذهبي اڳواڻ سڄي دنيا سان تعلق رکن ٿا ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ پاڪستان جي ??اري ۾ محبت ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پکيڙيندا.
هن چيو ته اميد آهي ته ان دوري سان ايندڙ ڏينهن ۾ ٻڌ مت سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ان ٻڌ مت ورثي کي ڏسڻ لاءِ پاڪستان ايندو جنهن سان نه رڳو وڏو ناڻو حاصل ٿيندو پر دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص به اجاگر ٿيندو.
اي پي پي سنڌي سروس جي ٿورن سان