اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو جائزو ??رت?? ويو. نجڪاري واري وزارت مان جاري بيان موجب نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وري وفاقي سيڪري??ري حسن ناصر جامي، نجڪاري واري ايڊيشنل سيڪري??ري خاقان بابر سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ??دارن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جائزو ??رت?? ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمين?? سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ??رت?? ويو.