اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان واپار، دفاع، ثقافت ۽ سياحت ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن آذربائيجان پارليامينٽ جي اسپيڪ?? پروفيسر غفارووا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.