اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن عوام ۽ سمور?? حصيدارن کي ان عمل جي فائدن ک??ن آگاهه ڪري سگهجي. هو چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدا??ت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نادرا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال جي حوالي سان جڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل قانوني ترميمن ک??ن آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ آهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته جئين عوام ۽ سمور?? حصيدارن کي ان عمل جي فائدن ک??ن آگاهه ڪري سگهجي ۽ بنا ج??از جي تنقيد جو حقيقتن سان گڏ جائزو پيش ڪري سگهجي.