اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ??ي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ لاءِ آن لائين ??عليم ۾ اضافو ڪن ۽ تحقيق ۽ جدت تي ڌيان ڏين، تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ شا??ردن کي تيار ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين ??ي ويزن جي جوڙجڪ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز، اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽين ??ي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي مختلف پروگرامن ۾ 22 هزار شا??رد ??اخل ٿيا ۽ 77 هزار کان وڌيڪ شا??ردن گر??جوئيشن ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته يونيورسٽي مالي سال 21 – 2020ع دوران معذور ماڻهن سميت شا??ردن کي 340 ملين ر??پين ??ون اسڪالرشپس فراهم ڪيون آهن، صدر ملڪ جي تعليمي ترقي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 21 هين ??دي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي فڪري طور تي اعليٰ گر??جوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽي مئنيجمينٽ کي چيو ته اها آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ قائم ڪري ته جيئن نوجوانن کي روزگار جي مهارت فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اهي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ حصو وجهي سگهن. صدر مختلف زبانن ۾ تحقيق ۽ ڇپائي جي شعبن ۾ نمل يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.