اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ مت??ده عرب امارات جي ماڊل تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، گوادر بندرگاهه وچ ايشيا جي رياستن کي ويجهو آهي اهو عالمي واپار لاءِ هڪ اضافو آهي، ۽ مت??ده عرب امارات جي جبل علي پورٽ جو ڪم ڪري رهي آهي، اها ان کي سگهه ڏيندي، ٻئي بندرگاهون هڪٻئي کي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون. امارات نيوز ايجنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته گوادر پورٽ مئي 2021ع ۾ مڪمل طور تي آپريشنل ٿي ويو آهي ۽ 50 هزار ڊيڊ ويٽ بلڪ ڪيريئرز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، مت??ده عرب امارات جي وزيراعظم شيخ محمد سان پنهنجي ملاقات ۽ پاڪستان ۽ مت??ده عرب امارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 ه??ن سالگرهه جي باري ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ان سان ملي خوشي ٿي، دنيا ۾ دبئي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، دبئي ڪاروبار کي سٺي طرح سمجهي ٿو، هن وٽ محدود وسيلا هئا پر ان سڄي دنيا جي وسيلن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو، صدر ٻڌايو ته هن مون کي پنهنجو ڪتاب ”م??هنجي ڪهاڻي“ ڏنو جيڪو اردو ۾ آهي ۽ آئون ان کي ضرور پڙهندس ڇاڪاڻ جو مون ان جي سوانحه عمري ۾ دلچسپي رکان ٿو ته هن ڪهڙي طرح تبديل?? جي قيادت ڪئي ۽ پوءِ توهان پنهنجي ملڪ کي نئين بلندين تي وٺي ويو، اهو دبئي ۽ مت??ده عرب امارات جو هڪ انوکو تجربو آهي ۽ اهو اسان پاڪستان ۾ به ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته مت??ده عرب امارات سان لاڳاپن ۾ گذريل سالن ۾ زبردست بهتري آئي آهي، اسان جي لاڳاپن جو بنياد مضبوط آهي، جيڪا ڀائيچاري ۽ هڪ گڏيل مذهب تي ٻڌل آهي، مت??ده عرب امارات ۽ پاڪستان سدائين امن جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر عارف علوي وضاحت ڪئي ته سندس ملڪ ان طريقي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، جهڙي طرح مت??ده عرب امارات پاڻ کي دنيا ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري مرڪز طور تي پيش ڪيو آهي، پاڪستان مت??ده عرب امارات وانگر هڪٻئي ڪاروباري ڊومين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيئن ته اسان وٽ خصوصي اقتصادي ۽ برآمدي زونز آهن جتي صنعتي سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، اسان وٽ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي به آهي، جتي ماڻهو سرمايو لڳائي سگهن ٿا ۽ حڪومت ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿي ته توهان پنهنجو سرمايو ۽ منافعو ڪڍي سگهو ٿا، ڪو ٽيڪس نه آهي ۽ اها سيڙپڪار?? جي جنت آهي، صدر مت??ده عرب امارات جي مدد سان تعليم کي بهتر بڻائڻ، عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي صحت جو خيال رکڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ شموليت لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.