اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين، عشره رحمت الل??ال??ين جي تقريبن جي موقعي تي ”پيغام پاڪستان“ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي رهيا آهيون جيڪو رواداري ۽ برداشت تي ٻڌل هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن واري و??اقي وزير پير نور الحق قادري سان گڏ 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول ﷺ جي موقعي تي تقريبن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ??و چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. اطلاعات واري وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه ۽ سندس تعليم پوري معاشري جي لاءِ عملي نمونو آهن، اسان کي سيرت طيبه کي عملي طور تي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي و??اقي وزير پير نور الحق قادري چيو ته اسان پنهنجي زندگين کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ موجب بڻائي مسئلن جو حل ڪڍي سگهون ٿا. هن اجلاس کي ٻڌايو ته عشره شان رحمت جي سلسلي ۾ مذهبي معاملن واري وزارت 20 آڪٽوبر تائين مختلف موضوعن جو شيڊول جاري ڪيو آهي. هن انهن موضو??ن کي نظر ۾ رکندي سيرت ڪانفرنسن جي انعقاد تي زور ڏنو. وفاقي وزير وزيراعظم جي هدايت موجب 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول شان??ار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته رحمت الل??ال??ين ﷺ اٿارٽي جي قيام جو اعلان خوش آئنده آهي، ان اٿارٽي جي ذريعي نوجوان نسل کي مسلمانن جي تاريخ ۽ اسلامي انقلاب جي رخن کان روشناس ڪرايو ويندو.