ڪينبرا- 20 آگسٽ (اي پي پي) آسٽريليا ۽ انڊونيشيا وچ ۾ دفاعي معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي اداري موجب ٻنهي ملڪن نئين دفاعي معاهدي ت??ت ايشيا – پيسفڪ خطي ۾ ويجهي سهڪار جو عهد ڪيو آهي. گڏيل مشقن جو اهو معاهدو انڊونيشيا جي دفاع واري وزير ۽ نئين چونڊيل صدرپرابووسونيانٽو جي آسٽريليا جي دو??ي دوران طعي ٿيو. ان موقعي تي انڊونيشيا جي سربراهه ملڪ جي زراعت، خوراڪ جي شعبن ۽ منشيات جي عالمي اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. آسٽريليا جي دفاع واري وزير رچرڊ مارلس چيو ته دفاعي معاهدو جنهن تي ايندڙ وقت ۾ باضابطه طور صحيحيون ڪرڻ جي اميد آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڻي ت??ئين ٿيل سڀ کان وڌيڪ اهم معاهدن مان هي هڪ اهم معاهدو آهي. آسٽريليا جي وزير اع??م انٿوني البانيز چيو آهي ته هي معاهدو اسان ٻنهي ملڪن جي سلامتي جي حمايت لاءِ اهم ثابت ٿيندو.