اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميري ڀائرن جي س??ارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين، پاڪستاني ع??ام جي دل ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستاني ع??ام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.