اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي ??ي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙو سنڌ جي ڀائيچاري، امن، سلامتي ۽ اخوت جو ض??من آهي. سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنه??جي هڪ بيان ۾ هن سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين، ڪينجهر کان وٺي ڪارونجهر تائين ثقافتي رنگن ۾ رڱيل سمورن شهرن، ڳوٺن ۽ بستين جي سنڌي ڀائرن کي مبارڪباد ڏني آهي.