اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي پائمالين جي خلاف پاڪستانين جو آواز گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تائين پهچائڻ تي ريزيڊنٽ ڪوآرڊيني??ر جولين ه??رن??ز جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حوالي سان گڏيل قومن جي پاڪستان بابت ڪوآرڊينيٽر کي پيش ڪيل ياد??شت کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تائين پهچايو ويو آهي.