اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۾ بيههِ جهڙي طرح پاڪستان جي واکاڻ ??ئي آهي ان سان ڀارت جو پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوششن کي بر?? طرح شڪست ۽ وزيراعظم عمران خان جي بيانيي کي ڪاميابي ملي آهي، ڀارت پنهنجي ئي لڳايل نفرت جي باهه ۾ بر?? طرح سڙي رهيو آهي. نجي ٽيلي ويزن چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته ڀارتي وزيراعظم نري??در مودي انتهاپسندي ۽ تعصباڻي نسل پرستي تي ٻڌل سوچ کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم دنيا جي سامهون ان جي نام نهاد جمهوريت پسنداڻي چه??ي کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي.