اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت قومي دولت ڦرڻ ۾ ملوث بدعنوان اڳواڻن کي رليف يا اين آر او نه ڏيندي. هن نجي ٽيليويزن چئنل جي هڪ پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته ما??يا متحد ٿي رهي آهي جيڪا عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت کي ما??وس ڪرڻ جي لاءِ گجرانوالا ۾ جلسو ڪندڙ پاڪستان ڊي??وڪ??يٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شر??ت ڪندڙ ماضي ۾ هڪ ٻئي جي خلاف گار گند جو استعمال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي انهن شر??ت ڪندڙن کي اهو مشورو ڏنو ويو آهي ته هو هڪ ٻئي جي شناخت لڪائڻ جي لاءِ چهرن تي رومال رکن. سينيٽر فراز بيان ڏنو به جلسن ۾ شر??ت ڪندڙن سينيٽائيزر، نقاب ۽ پاڻي مهيا ڪيو ويو هو، هن ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، جيڪو طبي علاج ما?? لطف اندوز ٿيڻ جي لاءِ لنڊن ويو هو هاڻي اتان کان سياست ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪومت جي ڪردار تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خا?? جي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پنهنجي 40 سال?? جي عرصي حڪمراني ۾ سڌارا نه آڻي سگهيا هئا، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن اڳواڻن کي رليف نه فراهم ڪندي جيڪي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي معاملن ۾ ملوث آهن.