اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فنون لطيفه، ادب، قومي ورثي ۽ ثقافت کي فروغ ڏئي عالمي سطح تي ??اڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو، خطاطي جو هنر حاصل هجڻ هڪ سعادت آهي، اسلام?? خطاطي فن ئي نه پر عقيدي جو اظهار آهي، اسلام?? خطاطي جي فن پارن کي ڏسي جذبو پيدا ٿيندو آهي، نمائش جي انعقاد جو مقصد پاڪستان جي ثقافت کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ آهي، قائداعظم جو مقصد هو ته پاڪستان جمهوري ۽ مستحڪم ملڪ بڻجي اڀري، ايندڙ م??ين?? ۾ پاڪستان ۾ پهرين فلم فيسٽيول جو انعقاد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سڄي دنيا جي بهترين فلمن جي نمائش ٿيندي، ملڪ جي مثبت اميج جي فروغ لاءِ موجوده حڪومت پهرين فلم اينڊ براڊ ڪاسٽنگ پاليسي جوڙي رهي آهي، اسان جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ??شتمل آهي، پنهنجي يوٿ کي فنون لطيفه، ادب، قومي ورثي ۽ ثقافت جي ويجهو آڻڻو آهي. هو پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قومي تاريخ ۽ ادبي ورثه ڊ??يزن ۽ تحقيق مرڪز ب??اءِ تاريخ ۽ فن جي ۽ ثقافت اسلامي (اريسڪا) جي سهڪار سان پاڪستان جي 70 هين سالا جشن آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ چار ڏينهن واري عالم?? خطاطي نمائش جي افتتاحي تقريب ک?? خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.