نيويارڪ – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه آمريڪي انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ ٽام شينن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خوشگوار انداز ?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گذريل رات هتي پهتي هئي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه آمريڪي انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي آمريڪا جي نئين حڪمت عملي تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.