اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي ?? عورتن جو ڪردار اڻٽر آهي، عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي ۽ هر ميدان ?? عورتن مر??ن سان شانه بشانه ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اها ڳالهه هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستاني عورتن جي ملڪي ترقي ۾ باوقار خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، پاڪستاني عورتن ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به شعبي ۾ مر??ن کان گهٽ ناهن، جديد دور جي ڏس ۾ اسان کي اهڙو ماحول بڻائڻ گهرجي جنهن سان عورتن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته اسان جي مذهب اسلام عورتن کي سڀ کان وڌيڪ عزت ڏني، عورت ماءُ به آهي، ڀيڻ ۽ ڌي به، زندگي جي هر ??وپ ?? عورت هڪ مقدس مقام ۽ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته هر ميدان ۾ چاهي اهو راند ??جي?? سياست هجي يا تعليمي ميدان عورتون مر??ن سان شانه بشانه پر مر??ن کان هڪ قدم اڳتي نظر اينديون آهن. محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان ?? عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي پيش نظر موثر قدم کنيا ويا آهن تنهن هوندي به ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جئين عورتن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا برابر موقعا ميسر اچي سگهن ۽ عورتون آزادي سان پنهنجا فيصلا ڪري سگهن، پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ملڪي ترقي ?? عورتن جي ڪردار ۽ نمائندگي جي فروغ لاءِ قدم کنيا آهن، پاڪستان جي پارليامينٽ عورتن جي ترقي لاءِ موثر قانونسازي به ڪئي آهي ۽ سينيٽ آف پاڪستان کي اهو اعزاز آهي ته هتي اهم قانونسازي عورتن پاران متعارف ڪرائي وئي آهي.