سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان نئون پ??ڪس??ان هائوسنگ پروگرام تحت 1 هزار 175 گهرن جي تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر ??کي ڇ??يو. سرگوڌا ۾ 6 جاين تي ٽي مرله جا گهٽ لاڳت وارا گهر تعمير ٿيندا، پنجاب حڪومت ان منصوبي جي لاءِ زمين ۽ ٻيون سهولتون ڏيندي. ان منصوبي تي ڪم فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ نيشنل لاجسٽڪ سيل گڏيل طور تي ڪندا. پنجاب بئنڪ ان منصوبي جي لاءِ مستحق ماڻهن کي مورگيج جي سهولت ڏيندي جيڪي ان جي قسط ڏئي سگهندا.