اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان هدايت ڪئي آهي ته گرين لائين کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن ت?? پڻ ڪم ۾ تيزي آندي وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عم??، قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر، صوبائي اسيمبلي ميمبر علي گوهر مهر ۽ صفدر عباسي شريڪ هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال خاص طور تي امن امان ۽ ڪوروان جي صورتحال ۽ عوام کي درپيش مسئلن ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ وفاق جي ج??ري ترقياتي منصوبن ت?? سنڌ صوبي جي پهرين وڏي ٽ??انسپورٽ منصوبي گرين لائين تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم گرين لائين کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن ت?? پڻ تيزي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.