اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ته پاڻ ڪرپشن تي سزا جي ڪري جيل جي خوف کان ملڪ کان ٻاهر لڪل آهي، ان وقت عوام جو خيال نه آيو ۽ هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??لاعات ?? نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب مريم صفدر جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي ڪيو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بيماري جو ڪوڙو بهانو ب??ائ?? نواز شريف لنڊن ۾ ڀڳوڙو بڻجي ويٺل آهي، توهان جي پنهنجي قول فعل ۾ تڪرار آهي. مملڪت?? وزير چيو ته عوام جي وات مان گرهه کسي، ڦرلٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪري ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيندا رهيا آهيو. هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ عورتن جي وات ۾ گوليون هڻي شهيد ڪندا رهيا آهيو. فرخ حبيب چيو ته ان وقت عوام جو خيال نه آيو ۽ هاڻي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو.