ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم کانسواءِ قومون ترقي ناهن ڪنديون، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي معياري تعليم کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن دارالفلاح ۾ تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي، چيف سيڪريٽري بلوچستان مطهر نياز رانا ۽ اداري جا فائونڊر ميمبر ۽ انهن جا پونئير پڻ موجود هئا. صدر 1926ع ۾ قائم ٿيندڙ ان اداري جي تعليمي خدمتن کي ??بردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ننڍي کنڊ ۽ هند ۾ تعليمي ادارن جي قيام ۽ فروغ جي لاءِ سر سيد احمد خان سميت مسلمان ڏاهن جو ڪرد??ر هڪ روشن باب آهي جنهن کي ??اري رکڻ جيل اءِ حڪومت سان گڏوگڏ سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ فلاحي ادارا تعليم ج?? فروغ جي لاءِ حڪومت جو هٿ ونڊڻ جي لاءِ تيار آهن ۽ ڪجهه صوبن ۾ نجي ادارن جي معاونت لاءِ ون لائين بجيٽ جو تص??ر ڪامياب رهيو آهي، نجي شعبي کي ??ميواريون ڏئي بهتر تعليمي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. پاڪستان تعليم کانسواءِ ترقي جي منزل طئي نه ٿو ڪري ان لاءِ اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب پاڻ کي ??يار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪي ٻار روايتي تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگهن انهن کي هنرمندي جي تعليم ڏئي معاشري جو ڪارائتو شخص بڻائڻو پوندو، ان کانسواءِ خصوصي ٻارن کي نارمل اسڪولن ۾ داخل ڪري انهن کي ??ه تعليم جا برابر موقعا ڏيڻا پوندا ته جيئن انهن ۾ خوداعتمادي بحال ٿئي. صدر شاگردن کي نصيحت ڪئي ته اهي محنت ۽ عزم سان تعليم ج?? تسلسل کي ??اري رکن ۽ پيشيواراڻي تعليمي مضمونن سان گڏ فزڪس ۽ ميٿ تي خاص ڌيان ڏين. صدر چيو ته اسان کي ??ن ڳالهه تي غ??ر ڪرڻو پوندو ته اسان جي ٻارن کي ??يڪا تعليم ڏني پئي وڃي ان جو معيار ڪهڙو آهي ۽ ان ۾ ڪهڙي طرح بهتري آڻي سگهجي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دارالفلاح ڪوئيٽا جي تعليمي خدمتن کي ??اراهيندي پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته دارالفلاح سميت اهڙي قسم ج?? فلاحي ادارن جي معاونت ۽ سرپرستي ڪئي ويندي.