اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، ٻاهرئين م??ڪ پاڪستانين کي ووٽ جي حق سميت ٻيا قانون م??ظور ٿيا. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته قانونسازي جو هي عمل ٻنهي ايوانن جي حڪومتي ميمب??ن ۽ اتحادين پاران وزيراعظم جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته مخالف ڌر آ?? يا پار ڪندي خوار ٿي وئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بلاول زرداري گڏيل اجلاس ۾ قانونسازي جي لاءِ 222 ميمبرن جو وٽ وجهڻ ضروري هجڻ جو ڪوڙ ڳالهائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوش?? ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته گڏيل اجلاس ۾ قانونسازي جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 72 (4) تي پڙهي وٺو. هن چيو ته ان آرٽيڪل موجب گڏيل اجلاس جا سمورا فيصلا ايوان ۾ حاضر ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان ٿيندا.