اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاشسٽ هندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا ک?? ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو. ڀارت ۾ مڌر ٽريسا جي خيراتي ا??ار?? جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي خبر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته فاشسٽ هندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻي مشتعل هندو گروپن ڪيترن ئ?? ڀارتي علائقن ۾ ڪرس??س تقريبن ۾ خلل وڌو، انتهاپسندن سانتا ڪلاز جو پتلو ساڙ??و، ڪرس??س تقريبن ۽ مذهب مٽائڻ جي خلاف نعرا هنيا، هن چ??و ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا ک?? ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو.