لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ ??نگ روڊ جي تعمير هيٺ ڏاکڻي حصي (ايس ايل – 3) جو دورو ڪيو جتي کيس لاهور ??نگ روڊ جي تعمير جي منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بريفنگ دوران نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??نگ روڊ جي 8 ڪلوميٽر ڊگهي ڏاکڻي حصي (ايس ايل – 3) جي تعمير 30 جنوري 2024ع تائين مڪمل ٿ?? ويندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿ??ڻ سان ڏکڻ پنجاب مان ايندڙ ٽريفڪ ??ي دٻاءُ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ايندي. نگران وزيراعظم ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي لاءِ پنجاب حڪو??ت جي ڪوششن کي ساراهيو.