اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وف??قي ڪابينا حڪومت جي موثر حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام تي بچاءُ جي ايس او پيز ۽ گا??يڊ لائينز تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائين، وف??قي ڪابينا فيصلو ڪيو ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو دورو ڪندو ۽ سينيٽ جو به خصوصي اجلاس گهرايو ويندو، وف??قي ڪابينا گذريل مهيني پيٽرول جي کوٽ تي جاچ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ نه آهي، ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ضلعي انتظاميا کي ??دايتون ڏنيون ويون آهن، يورو فائيو پيٽرول جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي، ڪراچي ۾ برساتن کانپوءِ سيوريج جو نظام مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آهي، ڪراچي جي صورتحال ڏسي اهو لڳي ٿو ته اتي ڪنهن جي به حڪومت نه آهي، وزيراعظم عمران خان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ??گهارن ۽ رهتن جي فراهمي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو، وف??قي حڪومت ڪراچي جي عوام کي سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، ڪراچي ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ??دايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڪراچي جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن ۽ نيڪاسي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وف??ق انهن کان تجويز??ن گهريون آهن.