فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون، ڪشمير پل انڊر پاس ۽ ڪيليگرافي جي نمائش جو افتتاح ڪيو، ??زي??اعظم عمران خان ڄاڻايل منصوبن جو افتتاح هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿي??دڙ پُروقار تقريب دوران ڪيو. ان موقعي تي ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون فيصل آباد جي تعمير 145.246 ملين روپين جي لاڳت سان 20 جنوري 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن تي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو 31 ڊسمبر 2020ع تائين پڄاڻي تي پهچي ويندو، ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪشمير پل انڊر پاس ڪينال روڊ فيصل آباد جو منصوبو 1280.209 ملين روپين جي لاڳت سان 20 مارچ 2018ع تي نيشنل لاجسٽڪ سيل جي ذريعي شروع ڪيو ويو جنهن جو 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم 31 ڊسمبر 2020ع تائين مڪمل ڪ??ي ان ??ي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، جنهن سان شهرين کي سگنل فري ڪينال روڊ کان ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي تائين پهچ ۾ انتهائي آساني ٿي??دي، بعد ۾ ??زي??اعظم هفته شان رحمت العالمين ﷺ جي سل??لي ۾ ملڪ جي مشهور مصورن محمد قمر سل??ان ۽ نثار احمد جي ڪيليگرافي جي فن پارن جي نمائش جو به افتتاح ڪيو، ڪيليگرافي نمائش ۾ وڏي تعداد ۾ قرآني خطاطي سميت ٻين انتهائي نادر ۽ قيمتي فن پارا نمائش لاءِ رکيا ويا.