رام الله _26 فيبروري (اي پي پي ) والاريل فلسطين ۾ اسلامي تحريڪ جي نائب سربراهه شيخ ڪمال ال??طيب چيو آهي ته اسان جا ماڻهو مسجد ال??قصيٰ سان محبت ڪندا آهن ۽ ان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين . سڄو سال خاص طورتي رمضان المبارڪ دوران ان جي زيارت ڪندا رهنداسي . فلسطين جي اطلاعات و??ري مرڪز مطابق شيخ ڪمال ال??طيب ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته مسجد اقصيٰ رڳو مسلم قوم جي ملڪيت آهي ۽ ان جي زمين تي ڪنهن ٻئي جو ڪو حق ناهي . هن چيو ته اسان جا ماڻهو مسجد اقصيٰ سان محبت ڪندا آهن ، ان کي اڪيلو نٿا ڇڏي س??هون ۽ سڄو سال خاص طورتي رمضان المبارڪ دوران ان جي زيارت ڪندا رهنداسي . هن چيو ته ا??ي ڪيترا نه بي وقوف آهن جيڪي اهو سوچي ڪري اهڙو فيصلو ڪندا آهن ته اسان کي مسجد اقصيٰ جي پڌر تي ويهڻ کان محروم ڪري س??هن ٿا . اسان انهن جي جا ويجهو ترين فلسطيني ، عرب ۽ مسلمان آهيون .