اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هٿرادو ذهانت، بلاڪ چين، روبوٽڪس ۽ انٽرنيٽ آف ٿنگز (آءِ او ٽيز) جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ڏهاڪو انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز جي انقلاب جي ڏهاڪو هوندو، ??ن لاءِ پاڪستان کي ضروري عنصر گهربل هوندا، ان حوالي سان ملڪ جي صنعت?? شعبن کي وقت سر تياري ڪرڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي باري ۾ ٽاسڪ ??ورس جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، ??جلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ سڄي ملڪ مان آءِ ٽي ماهرن شرڪت ڪئي.