ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان ڀارت جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پاڪستان جي ڪشمير مسئلي ب??بت ڪامياب سفارتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم ع??ران خان ڪشميرين جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي ب??ادري جو ضمير جهنجهوڙي رهيو آهي. وزيراعظم جي آمريڪي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ل??ڳاپا نئين رخ ۽ عزم سان اڳتي وڌي ??هيا آهن، وزيراعظم ع??ران خان جي دل بلوچستان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ هو بلوچستان ??ي ترقي کي اهميت ڏي ٿو. بلوچستان ??ي ترقي سان ئي پاڪستان ??ي ترقي لاڳاپيل آهي، هو ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ ايئر پورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.