اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي سخت مذ??ت ڪريون ٿا، قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند ??وج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ليفٽيننٽ ناصر حسين خالد، نائيڪ محمد عمران ۽ سپاهي عثمان اختر کي ملڪ خاطر جام شهادت نوش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون.