اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ آئين سازي ۽ ان??ظامي معاملن تي مثالي تعاون موجود آهي، قانونسازي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت ۽ فعال رابطي جي پاليسي تي عمل پيرا آهيون، ڪورونا وائرس جي ڪري پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي اجلاسن جي حوالي سان مشڪلاتون درپيش آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پارلياماني معاملن ۽ اهم قو??ي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.