ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سامونڊي حدن جي دفاع سان گڏوگڏ انساني ڀلائي جي لاءِ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو. هو نائين انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان جيو اڪنامڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول جي ت??فظ کي يقيني بڻائيندي بهتر معاشي ذريعن کي فروغ ??يڻ ??ي سلسلي ۾ بليو اڪانومي طرف موثر قدم کڻي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني مفاد قابل تجديد توانائي، ماهيگيري، غذائي ت??فظ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ موسمياتي ت??ديلين سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ سان واڳيل آهن، ان سلسلي ۾ سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال بابت عالمي ت??اون کي فروغ ??يڻ ??ي ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اطم??نا?? جوڳي آهي ته پاڪستان سمنڊن بابت غذائي ت??فظ تي ڌيان ڏيندي پائيدار بليو اڪانومي طرف گامزن آهي. صدر عارف علوي چيو ته بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ ضروري آهي ته دنيا سامونڊي وسيلن جي غيرذميواراڻي استعمال جي ت??ارڪ جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري. عالمي برادري جي طور تي اسان کي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ان حوالي سان بهتر نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.