اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ عوام کي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ حڪومت جي لاءِ اولين اهميت رکي ٿي، حڪومت سمورين ڌرين جي مشاورت سان ضروري قدم کڻندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ??دارت ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ صوبي جي فلور ملز ايسوسيئيشنز جي موجوده ۽ ??ڳو??ن چيئرمين ۽ نمائندن جي وفد سان ملاق??ت دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ اٽي جي فراهمي ۽ مناسب قيمتن تي دستيابي جي ??والي سان مختلف تجويزون ۽ مستقبل جي لائحه عمل جي ??والي سال معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، نيشنل فورڊ سيڪيو??ٽي وارو وزير سيد فخر امام، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، جميشد اقبال چيمه ۽ اعليٰ آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ هئا. چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز به اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ??ريعي شريڪ ٿيا. وفد وزيراعظم کي فلور ملز نمائندن جي مسئلن جي ??ل جي ??والي سان ملاقات ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو، وفد ڪڻڪ جي ملڪ ۾ وقت سر فراهمي ۽ عوام الناس کي اٽي جي مناسب قيمتن ۾ دستيابي، ڪڻڪ جي ??ين الصوبائي چرپر کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي ??والي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.