اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته م??حولياتي تبديلي جي حوالي سان عملي قدمن سان وزيراعظم عمران خان گلوبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آهي، هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو چئ??ينج پورو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳائڻ جو چئ??ينج به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته هن سال عالمي ماحولياتي ڏينهن جي ميزباني به پاڪستان ڪري رهيو آهي، هن چي?? ته گرين ڊپلوميسي دنيا سان لاڳاپن جا نوان رستا ٺاهي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊالرز گرين يورو بانڊ فنانسنگ به منظ??ر ٿي چڪي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم، بون چئ??ينج سميت عالمي ماحولياتي فورمز پاڪستان جي پذيرائي ڪري رهيا آهن.