اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان وفاقي ۽ صوبا??ي حڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن کي صحت ڪارڊ پر??گرام جي حوالي سان ??صوصي يونٽس جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪو ان پر??گرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکي ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪري، اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پر??گرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پر??گرام ۽ ان ??ي افاديت کان ??گاهي حاصل ٿئي ته جئين هو ان مان فا??دو کڻي سگهي. وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ صحت جي شعبي ۾ حڪومت جي تاريخي قدمن ”صحت سهولت ڪارڊ“ جي ذريعي عوام کي صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ??ائزه اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسين راشد، خيبرپختونخوا جو صحت وارو وزير تيمور سليم جهگڙا، صحت بابت وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي ۾ صحت ڪارڊ جي فراهمي، فا??دو حاصل ڪندڙ ماڻهن جا ??نگ اکر ۽ هن وقت تائين ان پر??گرام تي ٿيندڙ خرچن ۽ ان ??ي نتيجي ۾ عوام کي پهچندڙ رليف تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ صحت ڪارڊ پر??گرام جي ذريعي مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٻه لک 10 هزار 2 سئو ايڊميشنز جي ذريعي لکين ماڻهو مستفيد ٿي چڪا آهن، جنهن تي هن وقت تائين 5.3 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 26 مختلف بيمارين جي ڏس ۾ عوام کي معياري سهولت جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ان ۾ دل سميت اهڙا مرض به شامل آهن جنهن جو علاج وڏو مهانگو ۽ غريب خاندانن جي مالي وسيلن کان ٻاهر هوندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ هن وقت تائين 85 لک خاندانن کي صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم صحت سهولت ڪارڊ جي ذريعي عوام کي ميسر ايندڙ رليف تي اطمينان ??و اظهار ڪندي چيو ته صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي جو موجوده پر??گرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي پر??گرام آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو موجوده حڪومت صحت جي حوالي سان ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي اهڙو جامع پر??گرام شروع ڪيو آهي جنهن جي ڪري نه رڳو سرڪاري پر پرائيويٽ اسپتالن مان ??ه ڪمزور طبقي کي صحت جو معياري سهولتون ميسر اچي رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته صحت سهولت ڪارڊ سان هيلٿ سيڪٽر ۾ هڪ نئون نظام جوڙيو پيو وڇي، موجوده پر??گرام سان پرائيويٽ سيڪٽر جي اسپتالن کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ کين ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائن ۾ پنهنجون خدمتن جي فراهمي ۾ مدد ملندي، وزيراعظم وفاقي ۽ صوبا??ي حڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف کي هدايت ڪئي ته صحت ڪارڊ پر??گرام جي حوالي سان ??صوصي يونٽس جوڙيا وڃن جيڪي ان پر??گرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکن ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پر??گرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پر??گرام ۽ ان ??ي افاديت کان ??گاهي حاصل ٿي ۽ هو ان مان فا??دو کڻي سگهي.