دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اڪنامڪ ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايشيائي رياستن س??ن ڳنڍڻ چاهيون ٿا، افغانستان جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ايشيائي رياستن تي ان باري ۾ زور ڏيندا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان س??ن ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوب?? تحت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار شريف جي رستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان س??ن ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايشيائي رياستن ان منصوب?? تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو منظر نامو بدلجي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته افغانستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقستان جي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طالبان عملدارن س??ن ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ افغانستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان افغانستان کي موجوده صورتح??ل ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان س??ن مسئلا پيدا ٿيندا.