فيصل آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان جي ??انون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران نيوزيلينڊ جي ??يم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي پر ٽيم جي اوچتو واپسي جي ??يصلي ??ان پاڪستاني قوم کي سخت مايوسي ٿي، بار بار اصرار جي باوجود نيوزيلينڊ جي ??يم پاران ڪو ثبوت فراهم يا سيڪيورٽي ٿريٽ ان??ارميشن شيئر نه ڪئي وئي، مريم نواز نيوزيلينڊ جي دوري ملتوي ٿيڻ تي طنزيه ٽوئيٽ ڪري ننڍي سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو باور ڪرايو آهي ته شريف خاندان کي پاڪستان جي ??اسپورٽ جي حرمت جو ڪو پاس نه آهي. مدينه مسجد سمن آباد فيصل ۾ اخوت پاران غريب خاندانن ۾ بنا وياج قرض ورهائڻ جي تقريب جي ??وقعي تي صحافين ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته نيوزيلينڊ جي ??يم جو اوچتو دورو ملتوي ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جڏهن ته ا??ان ميچز جي حوالي ??ان فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي جڏهن ته ان کان اڳ ڪشمير پريميئر ليگ جي ??وقعي تي به ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ان کان اڳ جڏهن نيوزيلينڊ جي اندر ئي ڪرائسٽ چرچ جي اندر مسجد تي دهشتگردي جو واقعو ٿيو اتي درجنين ماڻهو شهيد ڪيا ويا ان وقت بنگلاديشم جي ??يم اتي موجود رهي جڏهن ته ان کان اڳ جيڪي برطانيا ۾ بم اٽيڪ ٿيا هئا ان وقت به اتي آسٽريليا انگلينڊ جي سيريز هلي رهي هئي ان وقت به اهي ٽيمون اتي رهيون ان کانسواءِ به دنيا ۾ مختلف جاين تي اڻوڻندڙ واقعا به ٿيا پر ميچز نه روڪيون ويون جڏهن ته هتي ته اهڙو ڪو واقعو ڪو اهرو معاملو به نه هو ۽ پاڪستان جون سموريون ان??يليجنس ايجنسيون، سيڪيورٽي ادارا ان موقعي تي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا هئا پر نيوزيلينڊ پاڪستان ??ان ڪنهن به قسم جي ڪا ان??ارميش شيئر نه ڪئي ۽ هڪطرفي طور تي دورو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اڄ ??سلم ليگ (ن) ۽ ڪجهه ٻين شخصيتن پاران افسوسناڪ ٽوئيٽس ڪيا ويا ۽ بيانن ۾ پاڪستان جي سبز پاسپورٽ جي عزت نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر ان??ن کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته سبز پاسپورٽ جي عزت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن توهان ڦرلٽ نه ڪري رهيا هجو ۽ مني لانڊرنگ جو پئسو ملڪ کان ٻاهر نه کڻي وڃي رهيا هجو ۽ ماڻهن ۽ قوم جو پئسو ڦري ٻاهرئين ملڪ فليٽ نه ٺاهي رهيا هجو ۽ جڏهن توهان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان جي اندر هجي. هن چيو ته اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته اهي ماڻهو ڪو موقعو نه ٿا وڃڻ ڏين جنهن ??ان ڀارت کي خوشي نه ٿي سگهي ۽ جنهن موقعي تي ڀارت دنيا ۾ پاڪستان جو طنز نه اڏائي سگهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي جن ماڻهن خاص طور تي مسلم ليگ (ن) پاران جيڪي بيان ۽ ان??ن جي ??يڊرن پاران جيڪي ٽوئيٽس آيا آئون سمجهان ٿو ته ان??ن ننڍي سوچ جو ثبوت آهي. ان سان ان??ن پاڪستان جي ڪا خدمت نه ڪئي ۽ هي اهي ئي ماڻهو آهن جن ڀارت کي خوش ڪرڻ جي ??اءِ جڏهن ممبئي حملا ٿيا ت?? سڀ کان اڳ نواز شريف چيو ته اجمل قصاب پاڪستان جو رهڻ وارو آهي جڏهن ته حملو پٺاڻ ڪوٽ ۾ ٿئي ٿو ۽ هي ايف آءِ آر گوجرانوالا ۾ داخل ڪرائي ڇڏين ٿا ت??هن ڪري هي ان سوچ مان ٻاهر نڪرن ۽ قومي سوچ اختيار ڪن. هن چيو ته هي اهي ئي ماڻهو آهن جڏهن ڊرون حملا ٿيندا هئا ت?? ان??ن جي ??ات مان هڪ لفظ به نه نڪرندو هو اهڙي طرح ڪلڀوشن ياديو پڪڙيو ويو ته ان??ن جي ??ات مان پوءِ به هڪ لفظ نه نڪتو پر اهو عمران خان ئي هو جنهن ڊرون حملن جي خلاف لانگ مارچ ڪيو ۽ ڊرون حملن کي قومي سلامتي جي خلاف چيو ۽ ان??ي وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايبسوليوٽلي ناٽ چيو ته ا??ان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين.