اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سيلووينيا جي پرڏيهي وزير اينزي لوگار سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزيرن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ا??لي?? سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ اف??انستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته سيلو وينيا يورپي يونين جو اهم مل?? آهي، پاڪستان سيلو وينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پرڏيهي وزير يورپي يونين جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم اف??انستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اف??انستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت اجتماعيت جي حامل هوندي، پاڪستان گڏيل ذميداري تحت اف??انستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، اف??انستان ۾ امن جي قيام جو فائدو سڄي خطي کي هڪجهڙو ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته حالتون بگاڙ جو شڪار ٿيون ته سڀ متاثر ٿيندا، پاڪستان اف??انستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جو حامي آهي، هن چيو ته اف??انستان ۾ امڪاني انساني ۽ اقتصادي بحران کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي اف??انين جي مدد لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي ٻين يورپي مل??ن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اف??انستان جي ويجهي پاڙيسري مل??ن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ايس سي او سمٽ جي موقعي تي ايس سي او ۽ سي ايس ڊي او جي وفدن جي سربراهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 37 مل??ن جي رهواسين ۽ عالمي ادارن سان تعلق رکندڙ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي، پرڏيهي وزير لوگار عالمي انخلا جي ڪوششن کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سيلو وينيا جي وچ ۾ ا??لي?? سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن ۽ علائقائي مسئلن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.