اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيب??پخ??ونخوا صوبي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، قبائلي علائقن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي، فاٽا ضم ٿيڻ تي علائقي واسين جي جذبن کي سمجهون ٿا، ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌنداسين. پارليامينٽ هائوس ۾ قبائل?? چڱن مڙسن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن قبائل?? چڱن مڙسن جو پارليامينٽ هائوس اچڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته قبائلي عوام جي پاڪستان جي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ڇو ته اتي جي عوام هڪ جنگ مان نڪري آئي آهي، هن چيو ته اسان فاٽا جي ترقي کي پوري پاڪستان جي ترقي سمجهون ٿا، قبائل?? چڱن مڙسن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي، هن چيو ته قبائلي ضلعن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، فاٽا جي ترقي ۽ بحالي جي لاءِ پ??رليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان پوري ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي ته ج??ئن ضم ٿيل قبائلي علائقن جي عوام کي انهن جو حق ملي سگهي.