اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??خالف ڌر روئندڙ ٻارن جو ميڙ آهي جنهن جو ڪم صرف روئڻ آهي، جيڪي به سڌارا آڻيون، مخالف ڌر جو ڪم ان تي گوڙ ڪرڻ ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ آهي، نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن ??ون اڪثر تجويزون ان آرڊيننس ۾ شامل آهن، ڪابينا ربيع الاول ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم عمران خان آچر تي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندو، سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف ??ون ضلعي تنظيمون وزيراعظم جو ??طاب سڌو سنئون ڏيکارينديون، تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ??فاقي ڪابينا پنهنجي گذريل اجلاس ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم عمران خان جي خواهش هئي ته ان حوالي سان سمورين تقريبن پارٽي شرڪت ڪري، ان مقصد جي لاءِ هن پوري پارٽي کي گڏ ڪيو ۽ هدايت جاري ڪئي ته تحريڪ انصاف جي سموريون ضلعي تنظيمون ان حوالي سان تقريبن جو ??نعقاد ڪن. هن چيو ته ??زيراعظم آچر تي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندو ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ جو ??غاز ۽ افتتاح ڪندو. ان خطاب جي تقريب پاڪستان تحريڪ انصاف ??ون سموريون ضلعي تنظيمون سڌو سنئون ڏيکارينديون. اهي تقريبون منعقد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي نبي ﷺ سان پنهنجي رشتي جو ??ظهار ڪري سگهون، هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان پارٽي تنظيم سازي جي حوالي سان رپورٽ به طلب ڪئي آهي، تنظيم سازي جي حوالي سان اسان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، مقامي ??ڪو??تن ??ون چونڊون به ويجهو اچي رهيون آهن ۽ ضروري آهي ته ??قامي ??ڪو??تن جي چونڊن کان پهرين پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي مڪمل ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??يب آرڊيننس تي جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن ??ون اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس جو ??صو آهن. ٽرائل ڪورٽس کي ضمانت جو ??ق ڏيڻ، ٽيڪس جي ڪيسن کي نيب جي پهچ کان هٽائڻ ۽ نيب جي عدالتي نظام کي تبديل ۽ مضبوط ڪرڻ تي سڀني جو ??تفاق هو، اسان ان ۾ ٽيڪنالاجي آندي آهي، هاڻي ان کانپوءِ نه ڪنهن کي اعتراض آهي ته ??و پارليامينٽ ۾ کڻي اچي پي ٽي آءِ ان نيب آرڊيننس جي پويان بيٺل آهي، وفاقي وزير چيو ته ??يب سڌارا هجن يا اليڪٽوريل ريفارمز، مخالف ڌر کي ان جي مخالفت ڪرڻي آهي، مخالف ڌر روئندڙ ٻارن جو ميڙ آهي، ان جو ڪم صرف روئڻ آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انگلينڊ ۽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو ??ورو ختم ٿيڻ تي پوري دنيا ۾ ڪرڪيٽرز ۽ ماڻهن پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون، ڀارت ان دوري کي ناڪام بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، هن چيو ته اڄ نيوزيلينڊ به پاڪستان اچڻ چاهي پئي ۽ انگلينڊ پنهنجي سيريز ڪنفرم ڪري ڇڏي آهي.