اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته صحت، احساس ۽ آبادگار ڪارڊ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت جو صحت ڪارڊ نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ عوام کي صحت جي مڪمل سهولتن جي مفت فراهمي جي حوالي سان منفرد قدم آهي. وزيراعظم ??مر??ن خان جي صدارت ۾ آبادگار، هيلٿ ۽ احساس ڪارڊ جي اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ ۽ ان جي ذريعي ماڻهن کي صحت جون سهولتون حاصل ڪر?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي ورڇ جي ٻئي مرحلي کي جلد لاهور کان شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ صحت ڪارڊ جي ورڇ جي حوالي سان ڪم تيزي سان جاري آهي. آبادگار ڪارڊ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪارڊ جي ورڇ جو عمل ??کڻ پنجاب کان شروع ڪيو ويو جنهن جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، آبادگار ڪارڊ سان سڌوسنئون سبسڊي سان نه رڳو آبادگارن کي معاونت جي فراهمي پر شفافيت جو عنصر پڻ يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ آبادگار ڪارڊ ۾ سبسڊي جي لاءِ وڌيڪ پراڊڪٽس کي شامل ??رڻ جي حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هيلٿ، آبادگار ۽ احساس ڪارڊ جي ورڇ ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامن کي جلد مڪمل ??رڻ جي هدايت ڪئ??. اجلاس ۾ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر فيصل سلطان، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئ??. ان کانسواءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئ??. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طبقي جي لاءِ صحت ۽ احساس ڪارڊ هڪ وڏو ريليف فراهم ڪندا، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ان حوالي سان خصوصي سيل ٺاهي ڪم ۾ تيزي آندي پئي وڃي. هنچ يو ته لاهور ۾ پڄاڻي کانپ??ءِ جلد صحت ڪارڊ جي ورڇ پوري پنجاب ۾ يقيني بڻائي ويندي، صحت، احساس ۽ آبادگار ڪارڊ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.