اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن ??ي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ٻجن ۽ ڀاڻ جي بهتر معيار جي پيداوار جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ خريف ??ي فصلن بابت ??جل??س ٿيو جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ?? ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صنعت وارن صوبائي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي ??جل??س ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خريف ??ي فصلن ۾ ڪپهه، چانور، مڪئي ۽ ڪمند ملڪ ۾ پوکي ويندڙ وڏيون فصلون آهن، حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري انهن سم??رين فصلن ??ي في ايڪڙ پيداوار ?? اضافي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سٺي معيار جي ٻجن ۽ جيت مار دوائ??، موثر تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري ملڪ ۾ زرعي شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سم??رين فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.