اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان او آءِ سي ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ??و آءِ سي اج??اس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پرڏيهي نمائندا اسان جا مهمان آهن، انهن جو خاص خيال رکيو ويندو ته ??يئن انه?? جي خدمت ۽ سيڪيورٽيءَ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪسر نه رهجي وڃي. هن چيو ته ??ن ڪانفرنس ۾ 57 ملڪن جا نمائندا ۽ـ پرڏيهي وزير شرڪت ڪري رهيا آهن. او آءِ سي ڪانفرنس هن وقت افغانستا?? جي صورتحال اتي جنم وٺندڙ انساني مسئلن ۽ـ افغانستان کي گهربل امداد ۽ توجهه جي حوالي سان تاريخي ڪردار ??دا ڪندي. هن چيو ته ??و آءِ سي ڪانفرنس جو سهرو موجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. 40 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ او آءِ سي ڪانفرنس جو هي قدم وزيراعظم عمران خان ورت?? آهي. هن چيو ته ??ن ڪانفرنس دوران اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ سومر تي موڪل هوندي. ڪانفرنس پارليامينٽ ۾ ٿي رهي آهي ان دوران ريڊ زون ۾ ايندڙ ويندڙ?? جي مشڪلاتن تي عوام کان معذرت خواه آهيون. هن چيو ته هي تمام اهم ڪانفرنس آهي ا?? جي سيڪيورٽي جون ذميداريون پاڪ فوج، سول ادارا، ايجنسيز سي ڊي اي ۽ اسلام آباد پوليس ملي ڪري ڪري رهيون آهن.