اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ واپار ??ڌا??ڻ لاءِ فعال قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستا?? ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپا ??ڌا??ڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ ڪوريا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير نبيل منير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو ??ڌا??ڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پُرڪشش مقام آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد سفير ڪورين سيڙپڪارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪري، ڪوريا ۽ پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي فروغ جا وسيع امڪان موجود آهن. ??در چيو ته ڪوريا جي سياحن کي پاڪستان ۾ ٻڌمت جي تاريخي مذهبي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي، ه?? ڪوريا جي ايگزم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ آءِ ٽي پارڪ لاءِ 88 ملين ڊالر ڏيڻ ۽ ڪراچي ۾ سام سنگ جي موبائيل فونز مينوفيڪچرنگ يونٽ شروع ڪرڻ کي به ساراهيو. ??در ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني دوستي گروپ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي به زور ڏنو، ان کانپوءِ الجزائر ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر محمد طارق به ??در سان ملاقات ڪئي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ الجزائر سان لاڳاپا ??ڌا??ڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نامزد سفير الجزائر سان پارلياماني ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي وفدن جي مٽاسٽا جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. ??در ان موقعي تي پاڪستان ۽ الجزائر جي وچ ۾ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل قائم ڪرڻ جي تجويز به ڏني.