اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ جي ??اءِ موجوده حڪومت عملي قدم کنيا، اوورسيز پاڪستاني اسان جي ??ٿي جا موڙ آهن، انهن جي خدمت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت وراثتي سرٽيفڪيٽ جي عمل کي شفاف ۽ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، ان سان اوورسيز پاڪستاني به فائدو کڻي سگهندا. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ ٻاهرئين ملڪ ??هن??ر پاڪستانين 3 ارب ڊالر کان و??يڪ موڪليا، جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميرين جو آواز بلند ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪندو ??هن??و. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن ۾ اوورسيز پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 سان اسان جي ??عيشت تي چئلينج آيو، وزيراعظم عمران خان جي ڪامياب حڪمت عملي رهي، دنيا اسان جي حڪمت عملي کي ساراهي رهي آهي. اڄ پاڪستان ۾ صنعتون 100 سيڪڙو ڪم ڪري رهيون آهن، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، هائوسنگ جي شعبي ۾ 1000 ارب جي ??نصوبن تي ڪم جاري آهي. گهٽ آمدني وارن گهرن جي ??اءِ 260 ارب جون درخواستون مليون، 40 ارب فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪوويڊ 19، عالمي مهانگائي، ٽرانسپورٽيشن مهانگي ٿيڻ جهڙا چئلينجز درپيش رهيا. 7 ڪروڙ آبادي کي مفت ويڪسين لڳائي وئي آهي، 250 ارب جي ??يڪسين خريد ڪئي وئي. هن چيو ته سماجي تحفظ نيٽ ورڪ قائم، صحت انصاف ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو، 260 ارب رپين سان احساس پروگرام متعارف ڪرايو ويو ته جيئن غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي سڌي سنئين مدد ڪئي وڃي.