اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پهرين اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) کي انتظامي ۽ پاليسي سان ل??ڳا??يل معاملن کان جدا ڪرڻ، بابا گرو نا??ڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙن جي لاءِ 2 ڏينهن جي فيس معافي، پاسپور?? جي شر?? هڪ سال لاءِ ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سياحن جي لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي جي لاءِ موجوده پاليسي تي نظرثاني ڪئي ويندي، ميجر جنرل محمد عامر حميد کي رينجرز پنجاب جو ڊي جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪي معيشت جي مجموعي صورتحا?? جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي.