اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪشمير کي پاڪستان جو دفاعي حصار قرارڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري جي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ هر سال وانگر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اڄ ڪشمي??ين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪند??، وفاقي گادي واري شهر ۾ عورتون ۽ ٻار والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي آفيس ۾ قرارداد جمع ڪرائيندا. هو پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشمي??ين جي طاقتور آواز ۽ حقن جي جدوجهد کي سڄي دنيا تائين پهچ??ئڻ جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن مختلف ??روگرام جوڙيا ويا آهن.