اسلام آباد – 07 مئي (اي پ?? پي) وز??راعظم عمران خان ۽ نائجيريا جي صدر محمد بوباري ٽيليفون تي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا کي هڪ جهڙيون حالتون درپيش آهن. وز??راعظم نائجيريا جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان پا??ان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ان جي موثر قدمن کي ساراهيو.