اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو آهي ته قومي اتفاق راءِ کان ڪير به انڪاري نه آهي، آئيني ترميم تي بحث جمهوري عمل جو حصو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزير پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مخاطب ??ندي چيو ته قومي اتفاق راءِ کان ڪير به انڪاري نه آهي، آئيني ترميم تي بحث جمهوري عمل جو حصو آهي.