مظفر آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت جي زور تي دٻائي نٿو سگهجي، مودي جي انتهاپسند حڪومت مسلمانن تي ظلم جي انتها ڪري چڏي آه??، آر ايس ايس هٽلر نازي جي سوچ اختيار ڪئي آه?? جيڪا پاڻ ڀارت جي تباهي جي ٻڌل آه??، 5 آگسٽ کان پهرين ڪشمير مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، حڪومت لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سبب متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد جاري رکندي، احساس پروگرام تحت مالي مدد کانسواءِ پو??ي آزاد ڪشمير ۽ ضم ٿيل ضلعن جي سمورن ماڻهن کي صحت ڪارڊز به فراهم ڪيا ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار لائن آف ڪنٽرول جي رهواسين جي لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ??يو.